غزل ۔۔۔۔۔۔عبدالرحيم عزمي
سمجهي ڇڏيو مون تنهنجي نخرن جو فلسفو
ساڳيو ئي آ ڇري ۽ ٻڪرن جو فلسفو
اونچي فليٽ اندر ڪيئن سمجهندين پرين ؟
ھن منهنجي جهوپڙي ۽ ڪڪرن جو فلسفو
هر شعر شعلي وانگر ، هر بيت باه جيئن ،
وڻندئي ڪٿي اسان جي اکرن جو فلسفو
مکڙيون رنيون ٻڌ ائي ، رابيل ڀي رنا
ڪرڻن ۽ ماڪ وارن قطرن جو فلسفو
هڪ چور کي نظر ۾ ھو پهريدار آ
ٻيو پيار ئي ٿو ڄاڻي پهرن جو فلسفو
هي عشق ڇاهي عزمي ، پهريان پتو نه هو
ٻڪ تي رکي پو ڃاتم اڱرن جو فلسفو
0 Comments