طرز ايندا عربي ڪريم اڱڻ تي
سھڻو نبي سردار اچي ويو مرحبا صد مرحبا
امت جو آڌار اچي ويو مرحبا صد مرحبا
رحمت رب جي برسي پئي آ . تر نه وسڻ کان ترسي پئي آ
عربي نيڻن ٺار اچي ويو مرحبا صد مرحبا
جھومي جھومي جشن ملهايو . سھڻو ســـخي لڄپــــــال آ آيو
ڪامل قربدار اچي ويو مرحبا صد مرحبا
عرشي فرشي ٿيا خوش سارا . چوڌاري ٿيـــــا نــــوري نظارا
نور نبي نروار اچي مرحبا صد مرحبا
گھر گھر ۾ ميلاد ڪنداسين . دلڙي پنھنجي شاد ڪنداسين
محب مٺو منٺار اچي ويو مرحبا صد مرحبا
فياض حبيب ڪريم جا آهيون . هــــاديء هوندي ڇـو گهٻرايون
غـــم ويـــا غمخــــوار اچي ويو مرحبا صد مرحبا
0 Comments