جيسين نظارا ھوندا ميلاد ٿيندو رھندو

چنڊ ۽ ستارا ھوندا ميلاد ٿيندو رھندو


بادل ۽ رم جھم ھوندي ڪھڙي به موسم ھوندي

سانوڻ سيارا ھوندا ميلاد ٿيندو رھندو


جيسين ھي رونق ھوندي ڌرتيءَ تي ساوڪ ھوندي

ٻنيون ۽ ٻارا ھوندا ميلاد ٿيندو رھندو 


اربع خميسون جيتر جمعا ۽ ڇنڇر آچر

سومر اڱارا ھوندا ميلاد ٿيندو رھندو 


پيريون ۽جوڀن ھوندا جيسين ھي مؤمن ھوندا

ھيڻا متارا ھوندا ميلاد ٿيندو رھندو 


عزمـي حياتيون جيسين پرندن جون لاتيون جيسين

ساسي ھي سارا ھوندا ميلاد ٿيندو رھندو

Post a Comment

0 Comments